سپريم ڪورٽ بار چونڊون، احسن ڀون گروپ جو امجد شاهه ڪامياب

سپريم ڪورٽ بار چونڊون، احسن ڀون گروپ جو امجد شاهه ڪامياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ صدارتي عهدي لاءِ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي، غير حتمي نتيجن موجب احسن ڀون گروپ جو اميدوار سيد امجد علي شاهه صدر چونڊجي ويو. غير حتمي نتيجن موجب انڊيپينڊنٽ گروپ جي صدارتي اميدوار سيد امجد شاهه لاهور مان 644 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پروفيشنل گروپ جي اميدوار سردار امان خان 400 ووٽ حاصل ڪيا.دنيا نيوز سان ڳالهائيندي احسن ڀون ڪاميابيءَ تي بار جي وڪيلن کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورين سياسي پارٽين جا ٿورا مڃيا. هن چوڌري پرويز الاهيءَ جا به ٿورا مڃيا. احسن ڀون چيو ته آئين ۽ قانون موجب ٿيندڙ ترميمن جي حمايت ڪئي ويندي. ٻئي طرف نئين چونڊيل صدر سيد امجد شاهه وڏي مينڊيٽ ملڻ تي شڪرگذاريءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هو حمايت ڪرڻ تي وڪيل برادريءَ جو ٿورائتو آهي. سيد امجد شاهه چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته وڪيلن جي ڀلائي ۽ بهبود سندس ترجيحن ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو