اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ عام چونڊن کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، 90 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي، جڏهن ته نيتن ياهو جو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. 120 ميمبرن واري قومي اسيمبليءَ ۾ نيتن ياهو جي اتحاد کي 53 ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ گادي آئزن ڪوٽ جي اتحاد کي 48 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. عرب جماعتن قائمہ المشترڪه کي 12 ۽ قائمہ العربیہ کي 7 سيٽون ملڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. نيتن ياهو جي ليڪود پارٽي 26 سيٽن سان سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري آهي، پر سندس ٻن انتهاپسند اتحادي اڳواڻن اتمار بن گوير ۽ بيزليل سموٽرچ جي پارٽين کي نقصان پهتو آهي.گذريل اسيمبليءَ ۾ ٻنهي جماعتن وٽ گڏيل طور 20 سيٽون هيون ۽ انهن غزا ۾ فلسطينين جي قتل عام جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي، پر هن ڀيري ٻنهي جماعتن جون گڏيل سيٽون گهٽجي 13 رهجي ويون آهن. مخالف ڌر جي اتحاد کي 48 سيٽون مليون آهن، جن مان اڳوڻي اسرائيلي آرمي چيف گادي آئزن ڪوٽ جي نئين جماعت ياشار پارٽي 21 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته يائر لپڊ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نفتالي بينيٽ جي جماعت کي 12 سيٽون مليون آهن. اسرائيل ۾ چونڊن لاءِ لسٽ سسٽم رائج آهي، جنهن تحت سڄو ملڪ هڪ ئي چونڊ تڪ تي ٻڌل هوندو آهي. هر جماعت پنهنجي ترجيحي فهرست جاري ڪندي آهي ۽ ووٽر جماعت کي ووٽ ڏيندا آهن. ڪنهن جماعت کي جيترا ووٽ ملندا آهن، ان حساب سان کيس اسيمبليءَ ۾ سيٽون ڏنيون وينديون آهن. اسرائيلي چونڊن ۾ ووٽنگ جي شرح 78 سيڪڙو رهي. اسرائيل ۾ رهندڙ عربن وڏي انگ ۾ ووٽنگ ۾ حصو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ عرب جماعتن کي مجموعي طور 19 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. ان ڪاميابيءَ تي عرب علائقن ۾ جشن ملهايو ويو، پر ٻنهي وڏن اتحادين عرب جماعتن کي پنهنجي گڏيل حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت نه ڪئي آهي. عرب جماعتن کي 2021ع ۾ رڳو نفتالي بينيٽ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو هو. هن ڀيري ٻنهي وڏن اتحادين ۾ اختلافن ۽ ٽٽ ڦٽ باوجود نئين حڪومت ٺهي سگهي ٿي، پر مخالف ڌر جي اتحاد جي اڳواڻ گادي آئزن ڪوٽ واضح طور چيو آهي ته عوام جو مينڊيٽ نيتن ياهو جي خلاف آهي. آئزن ڪوٽ نيتن ياهو کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو اسرائيلي فوج کي پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو