ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ آهي، جيئن عوام کي انهن جا فائدا جلد ملي سگهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 13 هزار کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون، جن مان 9 هزار کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 724 ڪلوميٽر روڊن جي بحاليءَ جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌائڻ پڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اورنج لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي ذريعي لکين ماڻهن کي سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سينيئر وزير موجب ييلو لائن ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي جي مختلف تعميراتي حصن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ نيون اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون پڻ جلد ڪراچي پهچنديون. هن چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي بروقت تڪميل تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ته جيئن عوام کي انهن جا ثمر جلد کان جلد حاصل ٿي سگهن.










