تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي چيو آهي ته تهران قطري ثالث ذريعي آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي لاءِ 3 شرطون پيش ڪيون آهن ۽ هاڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.الجزيره سان ڳالهائيندي رضائي چيو ته ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ايران سڀني محاذن تي دشمني ختم ڪرڻ، منجمد ڪيل ايراني اثاثن جي آزادي ۽ آمريڪي بحري ناکہ بندي (ناڪه بندي) ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته ايران قطر جي وچورٿي ڪندڙ سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جنهن تہران جا مطالبا واشنگٽن تائين پهچائي ڇڏيا آهن.رضائي موجب، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مهينن تائين جاري رهندڙ تڪرار دوران اڻ سڌي سفارتڪاري جو عمل جاري رهيو. اهي رابطا اسلام آباد ميمورينڊم آف انڊرسٽينڊنگ (سمجهوتي) جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ به برقرار رهيا.قابلِ ذڪر آهي ته اهو سمجهوتو جون ۾ پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ دستخط ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد دشمني کي روڪڻ ۽ هڪ وسيع معاهدي لاءِ راهه هموار ڪرڻ هو.










