ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) نون صوبن جي حوالي سان وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي سنڌ حڪومت جي ترجمان جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو فلسفو ئي پاڪستان کپي آهي، سنڌ ڌرتي جو انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي خواهش رکندڙ ملڪ کي ٽوڙڻ جي دعويٰ نه ڪن.سعديه جاويد چيو ته سياسي مصلحتن جي تحت چهرا تبديل ڪندڙ اڄ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين. لاشن جي سياست تي جنم وٺندڙ اڄ معصوميت جو لباس پائي صوبائي خودمختاري تي راتاهو هڻڻ چاهين ٿا. هن چيو ته 18هين ترميم وفاق کي مضبوط ۽ عوام کي حق ڏنا، ڌرتي ماءُ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪي تاريخ کان اڻ واقف آهن. شهر کي بارود جي ڍير تي ويهاريندڙ ماضي جا ڪردار اڄ اندرون سنڌ جي مائرن ۽ ڀينرن جا همدرد بنجڻ جو ڊرامو پيش ڪري رهيا آهن.سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته موبائل ڦرڻ تي سياست چمڪائيندڙ ٻڌائين ته جڏهن انهن جي دور ۾ ڪيترن ئي خاندانن جا چراغ وسايا ويا انهي ٽائيم تي سندن غيرت ڪٿي هئي؟ ايم ڪيو ايم جو ماضي گواهه آهي ته انهن صرف نفرتن کي وڌايو، هاڻ هو نئون روپ اختيار ڪري سنڌين ۽ مهاجرن کي وڙهائي نٿا سگهن.سعديه جاويد جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڌرتي صوفين، بزرگن جي ڌرتي آهي هتي ڪنهن ضمير وڪرو ڪندڙ جي چڙ ڏياريندڙ سياست کي پلجڻ نه ڏنو ويندو. سنڌ حڪومت جي عوامي مشهوري کان ڊڄي اپوزيشن اڳواڻ سستي شهرت ۽ پريس ڪانفرنس جو سهارو وٺي رهيا آهن.هن چيو ته پنهنجي سياسي وجود کي برقرار رکڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بنائينداسين، سنڌ جي اسپتالن ۽ صحت جي نظام تي آڱريون کنندڙ پهريان پنهنجي اقتدار واري دور جي ڪرپشن ۽ بربادي جو حساب ڏين.سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب انتظامي يونٽس جي نالي تي سنڌ جي ورهاست جو راڳ آلاپيندڙ اصل ۾ ملڪ ۾ نئين انتشار جو ٻج پوکي رهيا آهن. سنڌ حڪومت وڏيرن جي نه پر غريب هارين، مزدورن ۽ عوام جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت آهي جنهن جا بنياد جمهوريت تي ٻڌل آهن. سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته عوام هاڻ سجاڳ ٿي چڪي آهي، جذباتي نعرن ۽ ڪوڙين دعوائن سان هاڻ ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن به شهري کي بيوقوف نٿو بنائي سگهجي.










