چنڊ جو سير، ناسا پاران 2024 جي مشن لاءِ درخواستون طلب

چنڊ جو سير، ناسا پاران 2024 جي مشن لاءِ درخواستون طلب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي تحقيات جي اداري ناسا 2024 جي چنڊ مشن لاءِ خلابازي جي سفر جي خواهشمندن کان درخواستون گهرايون آهن. 2 مارچ کان 31 مارچ تائين آمريڪي شهرين کان درخواستون وصول ڪيون وينديون. خلابازي جي ڄاڻ رکندڙ ۽ ٻن سالن جو تجربو رکندڙ يا 1000 ڪلاڪ جيٽ جهاز جي اڏام جو رڪارڊ رکڻ وارا درخواست ڏيڻ جا اهل هوندا. ناسا جي هيومن اسپيس فلائٽ شعبي جي سربراهه چيو آهي ته ريگولر بجٽ کانسواءِ 4 سالن ۾ کين 35 ارب ڊالر اضافي بجٽ جي ضرورت آهي هن پروجيڪٽ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ. هي تمام وڏو منصوبو آهي. ناسا آمريڪي ڪانگريس کي 20121 جي مالي سال لاءِ 25.2 ارب ڊالر بجٽ فراهم ڪرڻ بابت اڳ ۾ ئي درخواست ڪري چڪو آهي. ناسا جي سربراهه جو چوڻ آهي ته هي سندن تاريخ جي وڏي ۾ وڏي بجٽ هوندي. جيڪا ايندڙ سالن ۾ 28 ارب ڊالر کان به وڌي ويندي.ياد رهي ته 1960 کان وٺي هيستائين ناسا 360 ايسٽروناٽ چونڊيا هئا ۽ هن وقت 48 خلاباز سندن ٽيم جو حصو آهن. ياد رهي ته زمين کان چنڊ تائين 386400 ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي ۽ خلائي جهاز ۾ 3 ڏينهن ۾ چنڊ تائين پهچي سگهبو. چنڊ جي مختلف حصن تائين پهچڻ لاءِ فاصلو گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو