عمران خان سان نورين نيازي جي ملاقات

عمران خان سان نورين نيازي جي ملاقات

راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان سان سندس ڀيڻ نورين نيازيءَ جي ملاقات ٿي وئي. اڊيالا جيل جي ذريعن موجب، نورين نيازي ۽ عمران خان جي ملاقات 40 منٽن تائين جاري رهي، اها ملاقات جيل جي ڪانفرنس روم ۾ ڪرائي وئي. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ نورين نيازي اڊيالا جيل مان گورکپور فيڪٽري ناڪي تي پهچي وئي، پر هن ميڊيا سان گفتگو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. سمجهيو وڃي ٿو ته پڇاڙيءَ وارن ٻن هفتن دوران عمران خان سان نورين نيازيءَ جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻئي طرف اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بيءَ جي پڻ ملاقات ڪرائي وئي. جيل ذريعن موجب جيل جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيندڙ اها ملاقات 35 منٽن تائين جاري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو