خان کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان، تياريون، فيصلي جو انتظار

خان کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان، تياريون، فيصلي جو انتظار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ باني عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس کانپوءِ عمران خان کي پمز منتقل ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جڏهن ته انتقال بابت حتمي فيصلي جو اڃا انتظار ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب باني پي ٽي آءِ جي اسپتال منتقل ڪرڻ واري معاملي تي اختيارين وچ ۾ اعليٰ سطح تي مشاورت جاري آهي. اهم اجلاس دوران پمز اسپتال ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پمز اسپتال ۾ عمران خان جي طبي معائني ۽ علاج لاءِ تيارين جي شروعات ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو