ڪنڊيارو: (ن س) ڪنڊيارو ڀرسان خوفناڪ حادثو ٿيڻ سبب 2 مسافر فوت , 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، ڪنڊيارو قومي شاهراه ته شاھ جمال پيٽرول پمپ وٽ وين جو ٽرالر سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت جڏھن ته 12 مسافر زخمي ٿي پيا آھن.حادثي ۾ فوت ٿي ويلن مان ھڪ جي سڃاڻپ حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ موسي کٽياڻ جي رھواسي محمد بخش طور ٿي جڏھن ته ٻئي فوتيءَ جي سڃاڻپ ٽنڊو ڄام جي رھواسي صدام سولنگي عرف مشڪي طور ٿي آھي، زخمين ۾ اميد علي، معشوق علي، نسيم، وحيد، امتياز، احمد علي، انور، ڪامران، عمران، بلال ۽ برڪت علي شامل آھن.ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر ڊوم وين ٽنڊو ڄام کان ڪشمور طرف وڃي رھي ھئي ته ڪنڊيارو ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو جاويد لاکير ۽ ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کچي اسپتال پهچي ويا ۽ اسپتال انتظاميا کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندا رھيا.










