ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) سان لاڳاپيل هڪ شڪي دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪري ورتو آهي.
سنڌ رينجرز جي ترجمان آچر ڏينهن ٻڌايو ته، ”شڪي شخص، جنهن جي سڃاڻپ شهزاد عرف ڊونگر جي نالي سان ٿي آهي، کي جمشيد ٽائون جي جيڪب لائنز واري علائقي ۾ گڏيل انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو.“
سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، شهزاد TTP جي منصور گروپ سان لاڳاپيل هو ۽ ان جي اڳواڻ منصور کان متاثر ٿيڻ کان پوءِ 2025ع ۾ تنظيم ۾ شامل ٿيو هو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ”منصور شهزاد کي ڪراچي ۾ تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي ذميواري ڏني هئي.“
شهزاد مبينا طور منگهوپير ۾ ماڻهن سان رابطو ڪري کين TTP لاءِ هر مهيني چندو ڏيڻ تي آماده ڪندو هو. ترجمان موجب، هو پوءِ اهي پئسا گڏ ڪري منصور جي ساٿي دين محمد طرفان فراهم ڪيل ايزي پيسا اڪائونٽن ذريعي وزيرستان منتقل ڪندو هو. دين محمد ٽانڪ ۾ رهندو هو.
ترجمان موجب، شڪي شخص جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته ”اهي پئسا بعد ۾ منصور ڏانهن موڪليا ويندا هئا ۽ مختلف دهشتگرد سرگرمين جي مالي مدد لاءِ استعمال ٿيندا هئا.“
رينجرز موجب، شهزاد ڪيترائي ڀيرا وزيرستان ويو ۽ اتي منصور سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيون. جون 2026ع ۾ پڻ هن افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ علائقي برمل ۾ منصور سان ملاقات ڪئي هئي.
ترجمان موجب، ان ملاقات دوران منصور، شهزاد کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ڀتا خوري لاءِ پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط ڪري. بعد ۾ منصور مبينا طور هڪ نامعلوم ساٿي ذريعي شهزاد ڏانهن هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد موڪليو.
رينجرز وڌيڪ چيو ته ”هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد حاصل ڪرڻ کان پوءِ شهزاد ۽ سندس ساٿي ڪراچي ۾ حساس هنڌن تي حملا ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.“
ترجمان ٻڌايو ته شڪي شخص جي ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










