مير رضا ڪيس،  جاچ لاءِ 5 رڪني نئين ڪميٽي قائم

مير رضا ڪيس، جاچ لاءِ 5 رڪني نئين ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي نوجوان تاجر مير رضا عليءَ جي ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ ڪراچي پوليس انتظاميا پاران مقتول جي قبر ڪشائي بعد 5 رڪني نئين جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئين جاچ ڪميٽيءَ جي سربراهي ڊي آءِ جي عامرفاروقي ڪندو، جڏهن ته ايس ايس پي آر آر ايف علي رضا ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو. ٽيم جي ٻين ميمبرن ۾ ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيص خان، ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم تجمل ۽ ايس آءِ او زمان ٽاؤن چوڌري غضنفر شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب تحقيقاتي ٽيم واقعي جي سمورن رخن ۽ پيش آيل تحريڪن کان تفشيش ڪندي. نئين جوڙيل ڪميٽيءَ جو پهريون تفشيشي اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو