چين ۾ ڦاٿل شاگرد مير حسن خاصخيلي جو والد فوت

چين ۾ ڦاٿل شاگرد مير حسن خاصخيلي جو والد فوت

ٻانڌي (بابر علي جمالي) چين جي شھر ووھان ۾ ڦاٿل ڳوٺ يار محمد خاصخيلي واسي مير حسن خاصخيلي جو والد حاجي مٺو خاصخيلي وفات ڪري ويو سندس وفات تي گھر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو مير حسن خاصخيلي جي گھرڀاتين پاران حڪومت کان مير حسن خاصخيلي جي واپسي جو مطالبو ڪيو ويو. ٽائون ڪاميٽي ٻانڌي جي ڪائونسلر يار محمد خاصخيلي، مير جان خاصخيلي، مسعود خاصخيلي، ھمير خاصخيلي ۽ ٻين حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته حڪومت مير حسن کي فوري طور چائنا جي شھر ووھان مان واپس گھرائي، مير حسن جي والد جي وفات ۽ مير حسن جي چائنا ۾ ڦاٿل ھجڻ سبب گھر ۾ ڪھرام برپا ٿيل آھي جڏھن ته فوت ٿيل پيرسن مٺو خاصخيلي جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنھن بعد مرحوم کي آمرپير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ پريس ڪلب ٻانڌي جي سرپرست اعليٰ حاجي احمد خان جمالي سميت سياسي سماجي مذھبي ماڻھن وڏي انگ م شرڪت ڪئي مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو