گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران اڄ کان اڻڄاتل مدت لاءِ هڙتال جو اعلان

گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران اڄ کان اڻڄاتل مدت لاءِ هڙتال جو اعلان

ڪراچي/لاهور(ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد اڄ 8 آگسٽ کان ملڪ ۾ اڻڄاتل مدت لاءِ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صدارت ڪندڙ ملڪ شهزاد اعوان موجب ڪمشنر آفيس ۾ اڳوڻا ۽ ڪمشنر سطح جا مذاڪرات ناڪام ٿيڻ بعد هڙتال جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي حڪومت کين سومر تي ميٽنگ لاءِ طلب ڪيو آهي. هيءَ هڙتال پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ، 7 سيڪڙو وڌ هولڊنگ ٽئڪس ۽ ڳرا ڏنڊ هڻڻ خلاف ڪئي پئي وڃي. لاهور سميت مختلف شهرن ۾ گڊز ۽ مني مزدا سروسز بند ٿيڻ سبب گاڏيون اڏن تائين محدود ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو