جھڏو(ن س)جھَڏو پوليس جي بروقت ڪارروائي، موٽرسائيڪل چور گينگ جا ٽي جڻا گرفتار، چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ. گذريل رات بائي پاس تي ڪاشف آرائين جي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آيل شهري جيوت ريباري جي موٽرسائيڪل چوري ٿي ويئي. اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جھڏو فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا ۽ چوريءَ جي واقعي جون تفصيلون حاصل ڪيون. هوٽل تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئيمرائن جي فوٽيج جي مدد سان فوري ڪارروائي ڪندي چور گروھ جي ٽن ڄڻن عبدالعزيز چانڊيو، بچل چانڊيو ۽ حامد چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي.ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار موٽرسائيڪل چور عبدالعزيز جو تعلق سنڌ پوليس سان آهي ۽ هن وقت بدين پوليس ۾ حاضر سروس ڪانسٽيبل آهي. گرفتار اهليڪار ان کان اڳ به سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس کي شڪ آهي ته ان کان اڳ ٿيل موٽرسائيڪل چوريءَ جي وارداتن ۾ به هن گينگ جو هٿ ٿي سگهي ٿو. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ تفٽيش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هيل تائين گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.










