شوگر مل پاران ڪمند جو اگهه گهٽائڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

شوگر مل پاران ڪمند جو اگهه گهٽائڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

اوٻاوڙو (غلام علي رند) مريدشاخ جي ڪي ٽي شوگر مل ڪمند جو اگھ 220 روپيا مڻ مان  گهٽائي 210 روپيا مڻ ڪري ڇڏيو، اگھ گهٽائڻ تي زميندارن، آبادگارن ۽ ھارين آفتاب احمد مزاري، عبدالخالق، محمد حسين ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 2 ڏينهن پهريان ڪمند جو اگھ 220 روپيا هيو هاڻي جي ڪي ٽي شوگر مل انتظاميا ڪمند جو 210 روپيا ڪري ڇڏيو جيڪا زميندارن، آباد گارن ۽ ھارين سان زيادتي آھي. جڏھن ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻين شوگر ملن جو اگھ وڌيڪ آھي. اسان ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ضلعي جي ٻين شوگر ملن جيان اگھ مقرر ڪيو وڃي نه ته احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو