سوات (ويب ڊيسڪ) ڪبل ۾ پوليس اسٽيشن جي ويجهو ٿيل خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7فوتين جو انگ 17 ٿي ويو آهي جن ۾ 7 پوليس اهلڪار به شامل آهن. جڏهن ته اڳ ۾ ڊي آءِ جي ملاڪنڊ سيد فدا حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌماڪو ڪبل پوليس اسٽيشن جي گيٽ ڀرسان ڪبل چوڪ تي ان وقت ٿيو، جڏهن اتي مقامي نوجوانن جو احتجاج جاري هو.
اسسٽنٽ ڪمشنر ڪبل طرفان جاري ڪيل ڪالهه رات جي رپورٽ موجب، واقعي ۾ 7 ڄڻا شهيد ۽ 18 زخمي ٿيا هئا. پر بعد ۾ اسپتال ۾ ڪجهه زخمي فوت ٿيا ۽ اهو انگ بي بي سي اردو موجب 17 ٿي ويو آهي. ڊي پي او سوات محمد عمر چيو ته ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ انساني سر پڻ مليو آهي، جنهن بابت شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو مبينا طور خودڪش حملي آور جو ٿي سگهي ٿو.
ڊي آءِ جي ملاڪنڊ موجب، خودڪش حملي آور ڪبل پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کيس روڪي ورتو، جنهن کان پوءِ حملي آور پوليس اسٽيشن جي گيٽ ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.










