سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ واڌ، ٻوڏ، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ واڌ، ٻوڏ، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

سکر (ن س)برساتن سبب ندين ۽ ندي نالن ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿي وئي آهي. رحيم يار خان ۾ سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري وچولي درجي جي ٻوڏ اچي وئي آهي. ٻوڏ جي ريلالي سبب لياقت پور ويجهو ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.سنڌو نديءَ ۾ گُڊو بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جنهن جي ڪري ڪچي جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. فيروزوالا وٽ “ناله ڀيڙ” ۾ گهيرو (شگاف) پوڻ سبب ڪيتريون ئي آباديون ۽ ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. پٺاڻ ڪالوني ۽ رانا ٽائون سان لڳل آباديون خالي ڪرايون ويون آهن ۽ عورتن توڻي ٻارن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، NEOC پاران ٻه آگسٽ تائين ندين جي وهڪري ۾ واڌ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو