سنڌ ۾ مختلف حادثن دوران 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

سنڌ ۾ مختلف حادثن دوران 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان): ميرپورخاص جي کپرو روڊ تي ون ٽين شاخ ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ ڊاٽسن ٻن معصوم ٻارن کي ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. اطلاعن موجب، حادثي ۾ 10 ورهين جو لڇمن عرف ڌوڙيا ڪولهي ولد راجا ڪولهي سخت زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڏئي ويو.حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻيو معصوم ٻار اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته پوليس حادثي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ميرپورخاص ۾ گلبرگ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو هڪ نامعلوم شخص جو لاش برآمد، ريلوي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال جي مرده خاني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جاچ جاري آهي. تفصيل موجب ميرپورخاص گلبرگ ويجهو پراڻي ريلوي ڦاٽڪ جي علائقي مان هڪ نامعلوم شخص جي لاش ملڻ کان پوءِ علائقي ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو. ريلوي پوليس کي اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي وئي ۽ لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ قانوني ڪارروائي کان پوءِ ضروري پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب، مقتول جي لاش ڪيترائي ڪلاڪ پراڻي آهي. شروعاتي جاچ دوران لاش جي هڪ هٿ مان قينچي به ملي آهي. مقتول جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. ريلوي پوليس لاش کي اسپتال جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي واضح ٿيندو.شھدادپور ويجھو شاھپور چاڪر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ملا حرمت ڪيريو سامهون بابو ڇن شاخ ۾ نامعلوم ماڻهو جو لاش لڙهي رهيو هو مقامي ڳوٺن جا ٻار شاخ ۾ وهنجي رهيا هئا جن لڙھي ايندڙ کي ڏسندي ئي رڙيون ڪيون جنهن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا جن شاهپورچاڪر پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پهچي لاش کي شاخ مان ڪڍرائي ورتو شاهپورچاڪر پوليس موجب اسان اطلاع تي پهچي ڳريل لاش ڪڍيو جنهن جا هٿ پير ٻڌل ۽ سندس مٿان بدترين تشدد ٿيل لاش مليو پوليس مطابق فوتي شخص جي کيسي مان شناختي ڪارڊ مليو آهي جنھن ۾ فوتي جي سڃاڻپ محمد ڪامران ولد طارق جاويد ذات مغل طور ٿي آھي جيڪو نواب شاھ جو رھواسي آھي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي پوسٽ مارٽم لاء وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي,ٻن قاسم پپري جي علائقي شاهه ٽائون ۾ ڳاڙهي عمارت ڀرسان مبينا طور زهريلي شيءِ واپرائڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط امدادي ٽيم موقعي تي پهتي ۽ فوتي نوجوان کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي ڪبير علي ولد ڪاشف علي طور ٿي آهي.ابتدائي ڄاڻ موجب نوجوان جي فوتگي جو ڪارڻ زهريلي شيءِ واپرائڻ ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جي اصل سببن بابت جاچ جاري آهي. لاڳاپيل ادارا ۽ پوليس مختلف پهلوئن کان معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪئي ويندي. علائقي واسين واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جيئن اها حقيقت سامهون اچي سگهي ته نوجوان زهريلي شيءِ ڪهڙين حالتن ۾ استعمال ڪئي سانگهڙ ۾ پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ نندو مري ۾ هڪ پورهيت جو پراسرار نموني قتل ٿيل لاش سندس اوطاق مان هٿ آيو آهي. اطلاع ملندي ئي پيرومل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پهرين ڪنڊياري اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم لاءِ هيڊ ڪوارٽر سول اسپتال سانگهڙ اماڻيو ويو.پوسٽ مارٽم دوران فوتي جي سڃاڻپ شهباز مري ولد اعجاز مري طور ٿي، جيڪو روزگار لاءِ دڪان هلائي پنهنجي گهرڀاتين جو گذر سفر ڪندو هو. وارثن موجب شهباز مري رات جو پنهنجي اوطاق ۾ ستل هو، جتان صبح جو سندس گولين لڳل لاش هٿ آيو. هنن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي، تنهن ڪري واقعي جي شفاف جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول پڻ هٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻين شاهدن جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو