شڪارپور، پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، جوابدار گرفتار، 3 ڌاڙيل فرار

شڪارپور، پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، جوابدار گرفتار، 3 ڌاڙيل فرار

شڪارپور (ن س): شڪارپور جي جاڳڻ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ هٿياربند ڌاڙيلن جي وچ ۾ خوفناڪ مقابلو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سنگين ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس 3 ساٿي اوندهه جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب گشت تي موجود اهلڪارن کي ڏسي ڌاڙيلن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي پوليس پاران به جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. مقابلي کانپوءِ پوليس هڪ ڌاڙيل کي رت ۾ لت پت حالت ۾ هٿڪڙيون هڻي ڇڏيون، جنهن جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدار سنگين ڏوهن جي 8 ڪيسن ۾ روپوش هو، جنهن کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ وڏي پيماني تي ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو