ڇانگا مانگا ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 سڳيون ڀينرون فوت

ڇانگا مانگا ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 سڳيون ڀينرون فوت

ڇانگا مانگا (ويب ڊيسڪ): ڇانگا مانگا جي ويجهو هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي مبينا طور تي زهريلو کاڌو کائڻ جي ڪري 2 سڳيون ڀينرون فوت ٿي وييون آهن، جڏهن ته سندن امڙ ۽ بابو زندگي ۽ موت جي جنگڙ ۾ مبتلا آهن. اسپتال ذريعن موجب، ڳوٺ نارجن سنگهه مان هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڄڻن کي انتهائي تشويشناڪ حالت ۾ لاهور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران ٻنهي نياڻين دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڇوڪرين جي والدين جي حالت پڻ اڃا تائين خطري کان ٻاهر ناهي ۽ کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني آهي ته کاڌي ۾ زهر ڪيئن شامل ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو