آزاد ڪشمير، پهرئين مرحلي ۾ 13 حلقن ۾ پولنگ ختم، ڳڻپ جاري

آزاد ڪشمير، پهرئين مرحلي ۾ 13 حلقن ۾ پولنگ ختم، ڳڻپ جاري

ميرپور(ويب ڊيسڪ)آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عام چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ميرپور ڊويزن جي 13 چونڊ حلقن ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ڳڻپ جاري آهي.
ميرپور جي 4، ڀمڀر 3 ۽ ڪوٽلي جي 6 حلقن ۾ سخت سيڪورٽي انتظام ڪيا ويا پر پوءِ به ڪوٽلي جي علائقي نڪيال سميت 4 مختلف پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙن جا اطلاع رپورٽ ٿيا. پي پي موجب سندن هڪ جيالو مختيار نڪيال ۾ مارجي ويو ۽ 3 زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي. پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) تي تشدد جو الزام لڳايو آهي. جڏهن ته نون ليگ پي پي تي ڌانڌلي جو الزام لڳايو آهي.
ڀمڀر ۾ درٻار بابا شادي شهيد ۾ ڪجهه شرپسندن بيلٽ باڪس کسي ان کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ عملي موجب 232 ووٽ پئجي چڪا هئا.
چيف اليڪشن ڪميشنر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جسٽس (ر) غلام مصطفيٰ مغل چيو موجب پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين مقرر هو پر چيف اليڪشن ڪميشنر جي طرفان وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پولنگ جو وقت 6 وڳي تائين وڌايو ويو، تنهن هوندي به 6 وڳي تائين پولنگ اسٽيشن اندر يا قطار ۾ موجود ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.
چونڊ عمل کي پرامن ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪشمير جا هزارين پوليس اهلڪار، ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ پاڪ فوج جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حساس ۽ تمام حساس پولنگ اسٽيشنن تي خاص حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن.
ميرپور ڊويزن ۾ مجموعي طور تي 14 لک 437 رجسٽرڊ ووٽر آهن، جن ۾ 7 لک 24 هزار 811 مرد ۽ 6 لک 75 هزار 626 عورتون ووٽر شامل آهن. چونڊن لاءِ ڊويزن ڀر ۾ 2316 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. انهن ۾ 1241 تمام حساس، 724 حساس جڏهن ته 351 عام پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، جتي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
ميرپور ڊويزن جي 13 چونڊ حلقن ۾ مجموعي طور تي 296 اميدوار قسمت آزمائي ڪري رهيا آهن. سڀ کان وڌيڪ اميدوار حلقي ايل اي 3 ميرپور سٽي مان ميدان ۾ آهن، جتي 34 اميدوار مقابلي ۾ آهن.
ميرپور۾ اڄ سخت گرمي سبب منجهند تائين ووٽر گهٽ ٻاهر نڪتا پر ڏينهن ٺرڻ بعد قطارون نظر آيون.
ٻئي پاسي پي پي ڪارڪن جي مارجي وڃڻ جي خبر ملڻ بعد چيئرمين بلاول ڀٽو ڪشمير پهچي ويو، جتي راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري ۽ٻين سندس آڌر ڀاءَ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو