ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان بزنس فورم حڪومت کان پيٽروليم شين جي روزاني بنيادن تي قيمتن جي تعين واري نظام تي فوري نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. فورم جو چوڻ آهي ته موجوده فارمولي سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان بزنس فورم جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي حڪومت کان پيٽروليم شين جي روزاني قيمتن جي تعين واري نظام تي فوري نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته موجوده فارمولي سبب نه رڳو ڪاروباري برادري پر عام ماڻهو به سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته روزمرهه استعمال جي شين جون قيمتون به وڌايون پيون وڃن. پاڪستان بزنس فورم موجب، گذريل پنجن ڏينهن دوران پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 24 رپيا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 60 رپين جو اضافو ڪيو ويو، جنهن سان ٽرانسپورٽ، صنعت ۽ واپار تي ناڪاري اثر پيو آهي. فورم جو چوڻ آهي ته ڏکين معاشي حالتن ۾ حڪومت جو فرض عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، نه ڪي سمورو مالي بار عوام تي منتقل ڪرڻ. وزيراعظم کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ پيٽروليم ليوي کي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي جي برابر في ليٽر مقرر ڪيو وڃي. پاڪستان بزنس فورم پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي به سخت مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي في ليٽر مارجن ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جيئن عوام تي وڌندڙ مالي بار گهٽجي سگهي. پاڪستان بزنس فورم حڪومت تي زور ڏنو آهي ته پيٽروليم پاليسي تي نظرثاني ڪري ڪاروباري برادري ۽ عوام کي مهانگائي جي وڌندڙ دٻاءَ مان رليف فراهم ڪيو وڃي.










