ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري عالمي بازار ۾ خام تيل جون قيمتون 110 ڊالرن جي ويجهو پهچي ويون آهن. مشرقِ وسطيٰ، يورپ ۽ آفريڪا ۾ خام تيل (ڪروڊ آئيل) جي فزيڪل ڪارگوز جون قيمتون هن هفتي وڌي گذريل ٻن مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون، جن مان ڪجهه جي قيمت 110 ڊالر في بيرل جي ويجهو وڃي پهتي. ان واڌ جو سبب ايران ۽ يوڪرين جي جنگين جي ڪري سپلائي ۾ ايندڙ رڪاوٽون آهن، جنهن جي ڪري خريدار فوري فراهمي لاءِ متبادل ذريعن تان تيل حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويا آهن. عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن جي معيار ‘ڊيٽڊ برينٽ’، جيڪو دنيا جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حقيقي خام تيل جي ڪارگوز جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، خميس ڏينهن LSEG جي انگن اکرن موجب 105.70 ڊالر في بيرل جي سطح کي ڇهي ورتو. هيءَ قيمت مئي جي آخر کان پوءِ سڀ کان وڏي سطح هئي ۽ جون جي شروعات کانپوءِ پهريون ڀيرو 100 ڊالر في بيرل جي حد کان ٽپي وئي.تيل جي بروڪر ٽاماس وارگا چيو ته، “سپلائي بابت خدشا هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آهن.” مشرقِ وسطيٰ ۾ ڇڪتاڻ سان گڏوگڏ، خميس ڏينهن قازقستان چيو ته بحيره اسود ۾ ”سي پي سي بلينڊ“ خام تيل جي اهم ايڪسپورٽ ٽرمينل کي مبينه يوڪريني ڊرون حملن کانپوءِ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. هڪ ذريعي موجب، قازقستان ۾ خام تيل جي پيداوار اڌ رهجي وئي آهي جيڪا تقريبن 4,60,000 بيرل روزاني تائين پهچي وئي آهي.










