مسلم ليگ (ن) خيراتي مينڊيٽ واري پارٽي آهي،شرجيل ميمڻ

مسلم ليگ (ن) خيراتي مينڊيٽ واري پارٽي آهي،شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) خيراتي مينڊيٽ واري پارٽي آهي، ان جي واتان چونڊن ۽ ووٽن جي نھ ٿي سونھين. ميان نواز شريف صاحب ٻڌائي ته آخر ووٽ کي عزت ڪڏهن ڏيڻي آھي؟ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نواز شريف صاحب، سياست هلندي رهندي، پر سنڌ ۽ ڪشمير جي ڌرتيءَ توڙي عوام کي طنز ۽ مذاق جو موضوع نه بڻايو وڃي. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن به صوبي، شهر يا علائقي جي توهين ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناھي. اڳوڻي وزيراعظم جو اهو رويو نه رڳو غير سنجيده، پر انتهائي ٺٺول جوڳي پڻ آهي. هن چيو ته نواز شريف جي بيان سان لکين پاڪستانين، خاص طور ڪشمير ۽ سنڌ جي عوام جي جذبن کي ڇيھو رسيو. ڪنهن به شهر يا ضلعي جي نالي کي سياسي تقرير ۾ مذاق يا ڀيٽ جي انداز ۾ استعمال ڪرڻ شعوري پسماندگيءَ جي علامت آهي. ڪشمير پاڪستان جي قومي جدوجهد جي علامت آهي، جڏهن ته سنڌ جو هر شهر به اوترو ئي معزز، محترم ۽ عزيز آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته “تلخي نه هئڻ گهرجي”، پر سندن پنهنجا لفظ ئي سياسي تلخي ۽ غير ضروري تقسيم کي هٿي ڏئي رهيا آهن. قومي اڳواڻن کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن جي عوام ۾ محرومي يا نفرت جي احساس کي جنم ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي نه، پر قومي يڪجهتي، گڏيل احترام ۽ سنجيده سياسي روين جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ، سڃاڻپ ۽ تاريخ تي فخر ڪن ٿا، ۽ ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي ته هو انهن کي سياسي طنز ۽ مذاق جو نشانو بڻائي. سندس چوڻ هو ته جيڪا سياست ورهاست، مذاق اڏائڻ ۽ تذليل تي ٻڌل هجي، سا قومي مفادن جي خدمت ڪرڻ بدران سياسي نقصان، ڏڦيڙ ۽ بي اتفاقيءَ جو سبب بڻجي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو