رينجرز ۽ ايس آئي يو جي ڪارروائي، 3 جوابدار مارجي ويا

رينجرز ۽ ايس آئي يو جي ڪارروائي، 3 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير 15 ۾ رينجرز ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (SIU) پوليس ڀتائيءَ خورن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڀتائي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، ڀتائي خورن جي موجودگي جي خفيه اطلاع تي ايس آئي يو سان گڏجي ڪارروائي ڪئي وئي ته اتي موجود ڀتائي خورن رينجرز ۽ ايس آئي يو جي نفري تي حملو ڪري ڏنو. ترجمان موجب، ان کانپوءِ وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڀتائي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ملي آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي ڀتائي خورن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو