ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خواجا سعد رفيق جي بيان کي انتهائي غير ذميواراڻو، تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ قومي يڪجهتي جي خلاف قرار ڏنو آهي. خواجا سعد رفيق جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خواجا سعد رفيق سياسي ڏيوالپڻي ۽ اخلاقي پستيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي. طنزيه جملن سان نه تاريخ تبديل ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي عوام جي راءِ. هن چيو ته ڍاڪا جو سانحو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي، جنهن جا زخم اڄ به سڄي قوم جي دلين ۾ تازا آهن. اهڙي حساس قومي الميي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪرڻ، قوم جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڍاڪا جي سانحي جو ذميوار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قرار ڏيڻ کان اڳ خواجا سعد رفيق کي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ ضرور پڙهڻ گهرجي ها. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي متفقه آئين ڏنو، ايٽمي پروگرام جو بنياد وڌو، اسلامي دنيا کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اڄ به شهيد ڀٽو جي قائم ڪيل ايٽمي پروگرام جي نتيجي ۾ ٿيل ايٽمي ڌماڪن کي پنهنجي حڪومت جي وڏي ڪاميابي طور پيش ڪري ٿي. ڀٽو خاندان جون خدمتون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن، جن کي سياسي مخالفت جي بنياد تي غلط ثابت نٿو ڪري سگهجي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ جمهوريت، بهادري ۽ عوامي حقن جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو. ڀٽو خاندان کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائيندي قومي تاريخ کي تڪراري بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ سياسي رويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) کي گهرجي ته ماضي جي تلخ قومي سانحن کي سياسي هٿيار بڻائڻ کان پاسو ڪري. پاڪستان کي نفرت تي ٻڌل بيانين ۽ ورهاست جي نه، پر اتحاد، برداشت ۽ مستقبل جي سياست جي ضرورت آهي.










