جنگ بابت ڳڻتي ظاهر، خطي ۾ امن لاءِ ڌريون صبر کان ڪم وٺن، وزيراعظم

جنگ بابت ڳڻتي ظاهر، خطي ۾ امن لاءِ ڌريون صبر کان ڪم وٺن، وزيراعظم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سينٽڪام موجب اڄ ڏهين ڏينهن به آمريڪا جا ايران تي حملا جاري آهن، مختلف شهرن ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا جن ۾ سرڪ، بندر عباس، قشم ٻيٽ ۽ سامونڊي ڪناري وارا ڪجهه ٻيا شهر به شامل آهن. پرنقصان جا  تفصيل اڃا سامهون ناهي آيو. ٻئي پاسي آمريڪي بچاءَ واري وزارت جي مرڪز پينٽاگون موجب، هن مهيني وچ اوڀر ۾ فوجي اڏن تي ايران جي ڪيترن ئي هوائي حملن ۾ لڳ ڀڳ 100 آمريڪي فوجي اهلڪار زخمي ٿيا آهن. اها ڳالهه پينٽاگون جي مرڪزي ترجمان سين پارنيل بي بي سي جي آمريڪا ۾ شريڪ اداري سي بي ايس نيوز کي ٻڌائي. سين پارنيل موجب، 7 جولاءِ 2026ع کان وٺي لڳ ڀڳ 100 فوجين کي ڪنهن نه ڪنهن درجي جون چوٽون لڳيون آهن، جن مان 96 سيڪڙو ٻيهر پنهنجي ڊيوٽي تي واپس اچي چڪا آهن. پارنيل چيو: “هو ٻيهر محاذ تي واپس وڃڻ لاءِ پُرعزم آهن.”ياد رهي ته هيستائين 17 آمريڪي فوجي مارجي چڪا آهن.ٻئي پاسي پاسدارن انقلاب گارڊز دعوايٰ ڪئي آهي ته اردن ۾ ايئربيس تي بيٺل آمريڪا جو ايف 15 جنگي جهاز تباهه ڪيو ويو آهي، ان بابت سينٽڪام جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

جنگ بابت ڳڻتي ظاهر، خطي ۾ امن لاءِ ڌريون صبر کان ڪم وٺن، وزيراعظم

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي تازي صورتحال ۽ امن جي قيام لاءِ سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سڀني ڌرين تي زور ڀريو ته هو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ “ايماندار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار” طور امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي. بيان موجب، وزيراعظم هن مهيني جي شروعات ۾ تهران جي پنهنجي دوري جو ذڪر ڪندي ايران جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. اعلاميي موجب، ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني پاڪستاني قيادت جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ ايران جي قيادت طرفان وزيراعظم شهباز شريف لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو. هن چيو ته سندس دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. ان کان اڳ اسڪندر مومني فيلڊ مارشل عاصم منير سان پڻ ڌار ملاقات ڪئي جنهن ۾ تجارتي ۽ فوجي تعلقات وڌائڻ ۽ خطي ۾ دائمي امن جي قيام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم هائوس موجب، اسڪندر مومني وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي انهن سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” تي اتفاق ٿيو.

خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پاڪستان سان تجارت 10 ارب ڊالر تائين پهچائڻي آهي، مومني

ايراني گهرو وزير  اسڪندر مومني خليج واري علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. مومني هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان آيو آهي، جنهن ۾ سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو گورنر جنرل، گهرو وزارت جو نائب وزير، شهري ترقي ۽ ٽرانسپورٽ وارو نائب وزير، نيشنل ايرانين آئل ڪمپني جو سربراهه، ايران جي زراعت واري وزير جو خاص نمائندو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل آهن. پاڪستان پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مومني چيو ته سندس دوري جو بنيادي مقصد ٻن پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهم شعبن ۾ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن اڳ ۾ واپار جي مقدار کي ٽي ڀيرا کان به وڌيڪ وڌائي شروعاتي طور سالياني 10 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ڪيو هو. ايراني گهرو وزير چيو ته هو ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي حمايت جو خواهشمند آهي.

ايران جو ڪويت ۾ لڳل آمريڪا جي جديد راڪيٽ سسٽم تي حملو
بي بي سي فارسي موجب، ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪويت ۾ آمريڪا جي هاءِ موبلٽي آرٽلري راڪيٽ سسٽم (HIMARS) کي نشانو بڻايو آهي. ايراني فوج پنهنجي بيان ۾ ميزائل فائر ڪرڻ جي وڊيو پڻ جاري ڪئي ۽ چيو ته آپريشن “صاعقه” جي 18هين مرحلي ۾ زميني فوج زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائلن ذريعي ڪويت جي عارف جان اڏي تي مقرر آمريڪي HIMARS نظام کي نشانو بڻايو. هي نظام هڪ جديد راڪيٽ لانچر نظام آهي، جنهن کي تيزي سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهجي ٿو. ايران جي پاسدارانِ انقلاب اڱاري جي صبح جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته هن آمريڪي فوج جي ريڊار نظامن لاءِ “اونداهي رات” آڻي ڇڏي آهي. بي بي سي فارسي تي رپورٽ ڪيل دعويٰ موجب، ڪويت جي احمد الجابر اڏي تي حملي ۾ اهي ريڊار ۽ دفاعي نظام تباهه ڪيا ويا آهن، جيڪي حملن جي اڳواٽ اطلاع ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. آمريڪي مرڪزي ڪمانڊ، سينٽڪام ۽ ڪويتي اختيارين جي هن دعويٰ تي هينئر تائين ڪو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو. پاسدارانِ انقلاب موجب، هن “ريڊار صفائي” کانپوءِ ايران جي وڌيڪ ڊرون ۽ ميزائل حملن لاءِ رستو هموار ٿي ويو آهي.

پاسداران انقلاب پاران ٻن آئل ٽينڪرن تي حملن بعد باهه وڪوڙي وئي، عملو لائيف بوٽس ۾ منتقل
برطانيا جي اداري يو ڪي ميري ٽائم ٽريڊ آپريشنز (UKMTO) موجب، آبنائي هرمز جي ڏکڻ ۾ هڪ تيل بردار جهاز تي ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عملي کي جهاز ڇڏي لائيف بوٽس ۾ منتقل ٿيڻو پيو. اداري جهاز يا ان جي مالڪ جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي آهي. ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ايران جي پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو هو ته “خلاف ورزي ڪندڙ” ٻه آئل ٽينڪر آبنائي هرمز جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ “خطرناڪ سامونڊي رستي” تان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پاسدارانِ انقلاب جي بيان موجب، ڌماڪن جي نتيجي ۾ ٻنهي تيل بردار جهازن ۾ وڏي پيماني تي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ اهي بيهي رهيا، جڏهن ته امدادي ٽيمون عملي کي علائقي مان ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. هينئر تائين اها ڳالهه واضح ناهي ته برطانوي اداري جنهن آئل ٽينڪر جو ذڪر ڪيو آهي، اهو انهن ٻن ٽينڪرن مان هڪ آهي يا نه، جن جو پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ حوالو ڏنو آهي.
حوثين پاران سعودي ناڪابندي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين
سعودي عرب يمن جي حوثين طرفان سعودي عرب جي سامونڊي ناڪابندي جي اعلان جي سخت مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب يمني عوام ۽ يمن جي “قانوني” حڪومت جي حمايت جاري رکندو. يمن ۾ سعودي قيادت هيٺ اتحاد پڻ اعلان ڪيو آهي ته هو آبنائي باب المندب ۾ پنهنجن واپاري جهازن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا ۽ حوثين طرفان جهازن تي حملن جي ڌمڪين جو طاقت سان جواب ڏيندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن يمن جي حوثي تنظيم انصار الله سعودي عرب جي سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو. تنظيم جي ترجمان چيو هو ته سعودي عرب پاران يمن جو گهيرو ڪرڻ ۽ صنعا هوائي اڏي جي بندش جي جواب ۾ اسين بندش ڪنداسين.ياد رهي ته ايراني سپريم ليڊر جي جنازي بعد واپس يمن ايندڙ حوثي اڳواڻن جي ايراني جهاز جي صنعا ۾ لينڊنگ کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب هوائي اڏي جو رن وي تباهه ڪيو هو. جنهن بعد حوثين سعودي عرب تي ميزائيل حملا ڪيا هئا جن کي سعودي ايئر ڊفينس ناڪام بڻايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو