اين سي سي آءِ اي نوٽيس تي نورين جو لکت ۾ جواب جمع، الزام رد

اين سي سي آءِ اي نوٽيس تي نورين جو لکت ۾ جواب جمع، الزام رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ادارن جي خلاف مبينه اعتراض جوڳن بيانن جي معاملي تي پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ نورين نيازي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي(اين سي سي آءِ اي) جي نوٽيس جو وڪيل ذريعي لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.نورين نيازي پنهنجي جواب ۾ نوٽيس جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريندي موقف اختيار ڪيو ته نوٽيس ۾ الزام ۽ لاڳاپيل قانوني شقون واضح نه آهن. هن اين سي سي آئي اي کان شڪايت ۽ الزامن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.لکت واري جواب ۾ نورين نيازي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي انهي جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته هو قانون جي دائري ۾ مڪمل طور تي تعاون ڪندي پر پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق محفوظ رکي ٿي.ٻئي طرف نورين نيازي جي وڪيل فيصل ملڪ ايڊووڪيٽ اين سي سي آئي اي جي آفيس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته نوٽيس ۾ ايڊريس به غلط لکيل هئي ۽ انهي جي خبر سوشل ميڊيا جي ذريعي پئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته انهي جي ڪاپي ڏني وڃي ۽ واضح ڪيو وڃي ته ڪهڙي قانون جي تحت نورين نيازي کي طلب ڪيو ويو آهي.وڪيل موجب نورين نيازي جو شروعاتي جواب جمع ڪرايو ويو آهي وڌيڪ تفصيلن جي لاءِ چئن هفتن جي مهلت گهري وئي آهي. هن ٻڌايو ته نورين نيازي هن وقت پرڏيهه ۾ آهي انهي لاءِ فوري طور تي پيش نٿي ٿي سگهي. فيصل ملڪ ايڊووڪيٽ چيو ته نورين نيازي سمورن رياستي ادارن جو احترام ڪري ٿي ۽ هڪ محب وطن پاڪستاني آهي. انهي سان قانون موجب سلوڪ ڪرڻ گهرجي. نورين نيازي جي ڀاءُ سڄي زندگي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو