ٽنڊو آدم ويجهو مال گاڏي حادثي جو شڪار، ٽرينن جي اچ وڃ متاثر

ٽنڊو آدم ويجهو مال گاڏي حادثي جو شڪار، ٽرينن جي اچ وڃ متاثر

حيدرآباد: (ن س) ٽنڊو آدم ويجهو وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن تي مال گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب حادثي کانپوءِ مال گاڏي جون ڪجهه بوگيون هڪ ٽريڪ تان ٻئي ٽريڪ تي اچي ويون، جنهن جي ڪري اپ ۽ ڊائون ٻئي ريلوي ٽريڪ بند ٿي ويا ۽ ٽرينن جي اچ وڃ متاثر ٿي.حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريلوي جون فني (تڪنيڪي) ٽيمون حادثي واري هنڌ ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽريڪ بحال ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو