شاباش پوليس، جيها ۽ ڏاهاڻي برادرين جي 15 سال پراڻي دشمني ختم

شاباش پوليس، جيها ۽ ڏاهاڻي برادرين جي 15 سال پراڻي دشمني ختم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار لاڙڪاڻي ۾ جيها ۽ ڏاهاڻي قبيلن وچ ۾ گذريل 15 سالن کان جاري خوني قبائلي دشمني جي خاتمي کي سنڌ پوليس جي هڪ تاريخي، غيرمعمولي ۽ مثالي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ پوليس نه رڳو اشتهاري ۽ گهربل جوابدارن کي قانون آڏو جهڪايو آهي، پر نفرت، انتقام ۽ خونريزي جي هڪ ڊگهي باب کي به بند ڪري امن جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير چيو ته لاڙڪاڻو پوليس جي اثرائتي حڪمت عملي، لڳاتار آپريشنن، غيرجانبدار ڪارروائين، دانشمندانه ڳالهين ۽ قانون جي بنا امتياز عملداري جي نتيجي ۾ جيها ۽ ڏاهاڻي قبيلن سان تعلق رکندڙ 28 ڄڻن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ هيڊ مني رکندڙ اشتهاري جوابدار پڻ شامل آهن. هن واضح ڪيو ته سڀئي جوابدار قانون موجب عدالتن کي منهن ڏيندا ۽ انصاف جون سموريون گهرجون هر صورت ۾ پوريون ڪيون وينديون.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هن 15 سالن جي خونريز تڪرار دوران 25 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته قبائلي دشمني سبب لڳ ڀڳ ٻه هزار ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل رهي ۽ ٽن ڳوٺن جي روزمرهه زندگي سخت متاثر ٿي. هن چيو ته اڄ سنڌ پوليس جي ڪامياب حڪمت عملي سبب اهي ئي علائقا ٻيهر امن، استحڪام ۽ معمول جي زندگي ڏانهن موٽي رهيا آهن، جيڪو سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ اطمينان جو باعث آهي.
هن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رياست جي طاقت بندوق سان نه، پر قانون جي بالادستي سان قائم ٿيندي آهي. سنڌ پوليس هن ڪارروائي وسيلي اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته صوبي ۾ ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي ۽ امن دشمن عنصرن لاءِ ڪا به گنجائش نه هوندي.
سنڌ جي گهرو وزير ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي بهادر قيادت، معاملن کي سمجهداري سان نبيرڻ، پيشاوراڻين صلاحيتن ۽ سڄي پوليس ٽيم جي رات ڏينهن ڪيل محنت کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سندن ڪارڪردگي قابلِ تقليد آهي. هن چيو ته امن قائم ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ سموري پوليس ٽيم واکاڻ جي مستحق آهي، جن نه رڳو خطرناڪ اشتهاري جوابدارن کي قانون آڏو جهڪايو، پر هڪ پراڻي قبائلي تڪرار کي به پائيدار امن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ضياءُ الحسن لنجار پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس سڄي صوبي ۾ امن امان جي قيام، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي رٽ کي هر قيمت تي برقرار رکڻ لاءِ ساڳئي عزم ۽ اثرائتي حڪمت عملي سان پنهنجون ڪارروايون جاري رکندا. هن چيو ته امن ئي ترقي جو بنياد آهي، ۽ جتي امن قائم هوندو، اتي خوشحالي، سيڙپڪاري ۽ عوام جو اعتماد به هٿي وٺندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو