حيدرآباد(ن س)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي ميمبر ۽ اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ٻيهر شموليت اختيار ڪري ورتي، جتي وڪيل برادري سندن شاندار، والهاڻي ۽ پُرتپاک استقبال ڪيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر اياز تنيو، جنرل سيڪريٽري سيد شهزاد ارشاد شاهه، سينيئر ايڊووڪيٽ فهيم آزاد گهلو، ايڊووڪيٽ ميرزادي محمد خان ٿيٻو ۽ بار جي ٻين سينيئر وڪيلن بار جي صدر واري آفيس ۾ پير مظهرالحق جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي کين گلن جا هار پارايا ويا، گل پيش ڪيا ويا ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ٻيهر واپسي تي دلي مبارڪون ۽ ڀليڪار پيش ڪئي وئي.ان موقعي تي بار جي عهديدارن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پير مظهرالحق ملڪ جي ناميارن قانوندانن مان هڪ آهن، جن جي قانوني مهارت، عدالتي تجربو ۽ عوامي خدمت جو وسيع سفر نوجوان وڪيلن لاءِ هڪ روشن مثال ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هنن چيو ته سندن ٻيهر شموليت سان حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن وڌيڪ مضبوط، متحرڪ ۽ مؤثر بڻبي، جڏهن ته قانون جي بالادستي، وڪيلن جي ڀلائي، اداري جي استحڪام ۽ عدليه جي وقار لاءِ سندن تجربو اهم ڪردار ادا ڪندو.پير مظهرالحق پنهنجي خطاب ۾ وڪيل برادري جي محبت، عزت افزائي ۽ اعتماد تي دلي ٿورا مڃيندي چيو ته حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هميشه سندس پنهنجي اداري رهي آهي ۽ هو اڳ وانگر بار جي وقار، اتحاد، قانون جي بالادستي ۽ وڪيلن جي حقن جي تحفظ لاءِ مڪمل ذميواري سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.تقريب ۾ صدر اياز تنيو، جنرل سيڪريٽري سيد شهزاد ارشاد شاهه، سينيئر ايڊووڪيٽ فهيم آزاد گهلو، ايڊووڪيٽ ميرزادي محمد خان ٿيٻو ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جا ڪيترائي معزز وڪيل وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، جن پير مظهرالحق جي واپسي کي بار لاءِ هڪ خوش آئند ۽ اهم پيش رفت










