ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ڪاشف گلزار شيخ اڄ ڊائريڪٽوريٽ آف سوشل اينڊ ڊجيٽل ميڊيا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ اطلاعات کاتي جي ميڊيا مانيٽرنگ سسٽم کي وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر اشتهارات محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر سوشل اينڊ ڊجيٽل ميڊيا عزيز احمد هڪڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اشتهارات سارنگ لطيف چانڊيو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي مانيٽرنگ واري نظام کي وڌيڪ مضبوط، بروقت ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ميڊيا ڪوريج جي جامع نگراني، خبرن جي بروقت ڪمپائليشن، تجزياتي رپورٽن جي تياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت به تفصيلي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ هدايت ڪئي ته ميڊيا مانيٽرنگ جي نظام کي جديد گهرجن موجب وڌيڪ فعال، شفاف ۽ پيشيوراڻي معيار سان هم آهنگ بڻايو وڃي، جيئن سنڌ حڪومت جي پاليسين، ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ ميڊيا ڪوريج جي صحيح، بروقت ۽ جامع مانيٽرنگ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن زور ڀريو ته اثرائتي ميڊيا مانيٽرنگ نه رڳو حڪومتي ڪارڪردگي جي بهتر تجزيي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، پر عوام تائين صحيح ۽ بروقت معلومات جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اجلاس ۾ ان عزم کي ورجايو ويو ته اطلاعات کاتو جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيوراڻي گهرجن سان هم آهنگ ميڊيا مانيٽرنگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکندو.










