دهشتگردن جو بنون ٿاڻي تي حملو، 4 جوان زخمي

دهشتگردن جو بنون ٿاڻي تي حملو، 4 جوان زخمي

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل هڪ گاڏي ميريان ٿاڻي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. ڊي پي او بنون جو چوڻ آهي ته واقعي واري جاءِ تي وڌيڪ پوليس نفري موڪلي وئي آهي. ڌماڪو آپگهاتي (خودڪش) هو، جنهن سان ٿاڻي جي اڳئين حصي کي نقصان پهتو. هن وڌيڪ چيو ته ڌماڪي سبب ويجهن گهرن کي به نقصان پهتو آهي. پوليس اختيارين موجب، زخمي اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو