ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه ۽ نوشڪي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪوئٽه جي ڀرپاسي واري علائقي اولهندي (مغربي) بائي پاس اختر آباد ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب عارف مينگل نالي شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته نوشڪي ۾ قبائلي اڳواڻ مير طارق باديني پنهنجي ساٿي سميت شديد زخمي ٿي پيو، جيڪي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويا. فائرنگ جي واقعن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. بي اين پي (BNP) جي ترجمان غلام نبي مري ٻڌايو ته مغربي بائي پاس ويجهو فوت ٿيل شخص بي اين پي جي اڳواڻ لالا غفار مينگل جو ڀاءُ عارف مينگل آهي. ترجمان بي اين پي وڌيڪ ٻڌايو ته بي اين پي جو ضلعي ڪائونسلر عارف مينگل مغربي بائي پاس تان پنهنجي گهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو.










