ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ڳوٺ الله بخش جهتيال ۾ سڳي سئوٽ الياس پٽ منظورجهتال 30 ورهين جي سڳي سئوٽ نديم جهتيال کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آهي ته قتل ڪندڙ سندن سوٽ محمد الياس جهتيال هڪ مهينو اڳ سعودي کان آيو جڏهن ته اوچتو صبح الياس جهتيال اوطاق تي ويٺل نديم جهتيال کي پسٽل جون گوليون منهن ۽سيني ۾ هڻي فرارٿي ويو. هوڏانهن اطلاح ملڻ تي ٿرڙي پوليس موقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ل اش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. اهڙي افسوس ناڪ واقعي بعد ڳوٺ الله بخش جهتيال ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان موقعي تي مقتول جي ڀيڻ ريشما ۽ پيرسن ماءُ فاطه صحافين کي ٻڌايوته بناجواز پٽ کي ظالم سوٽ محمد الياس جهتيال بيدري سان قتل ڪري فرار ٿي ويو.










