ڪنڌڪوٽ: بي ايس فيڊر کي گهارو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

ڪنڌڪوٽ: بي ايس فيڊر کي گهارو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

ڪنڌڪوٽ:(ن س) ڪنڌڪوٽ ڀرسان کاھي بي ايس فيڊر کي 200 فوٽ گھارو لڳڻ ڪري ھزارين ايڪڙ زرعي زمينن سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب جاني توڙي مالي نقصان جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي.اهڙي اطلاع با وجود ضلعي انتظاميا، ايريگيشن عملدارن جو ڪو به عملو ۽ ريسڪيو جون ٽيمون گھاري واري ھنڌ نـ پھتيون، پاڻي تيزي سان گھرن ۾ داخل ٿيندي وڌيڪ آبادي ڏانھن وڌي رھيو آهي رستا پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن.واضح رھي تـ بي ايس فيڊر ڪينال سنڌ جي وڏي فيڊرن ۾ شمار آهي جيڪو 15 ھزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کڻندو آهي. گھاري کي علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر پاڻي جو وھڪرو تيز ھجڻ ۽ علائقي واسين کي مٽيريل نه ھجڻ ڪري ڪافي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آهي.علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال بڻجي وئي آهي ڳوٺاڻن ۾ خوف وارو ماحول پکڙجي ويو آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رات دير سان گھارو پيل آهي ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود گھاري کي بند ڪرڻ لاء عملو ناھي پھتو ھنن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري گھارا پئجي رھيا آھن ھر سال اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رھيو آهي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور گھاري کي بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو