اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن (UN) ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، تشدد ۽ عدم استحڪام جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار سلامتي کونسل ۾ بيان ڏيندي چيو ته سفارتڪاري ۽ مسلسل ڳالهيون ئي تڪراري معاملن جي پائيدار حل جو واحد رستو آهن. عاصم افتخار جو چوڻ هو ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگ بندي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ تعميري سفارتي ڪوششون جاري رکيون اچي. هن زور ڏنو ته حساس ڳالهين دوران اهڙن بيانن ۽ قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي غلط فهمين کي جنم ڏين، سموري توجهه ۽ ڪوششون اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي هجڻ گهرجن.










