ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرڪ جي علائقي خٽڪ ڊيم ويجهو ڪرڪ ۽ ڪوهات پوليس گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو آهي.پوليس موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق زاهد گروپ سان هو، جيڪي ڪيترن ئي پوليس آفيسرن جي شهادت ۾ ملوث هئا. پوليس ترجمان موجب، ڊي پي او ڪرڪ ۽ ايس پي صدر ڪوهات آپريشن دوران موقعي تي موجود هئا.










