ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي شهر ۾ پوليو کان بچاءُ جي 7 ڏينهن واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.اهو افتتاح نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (قومي ادارو برائي امراضِ اطفال) ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب دوران ڪيو ويو.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته مهم دوران 25 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. حڪام ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي سڀني 201 يو سي پي اوز (يونين ڪائونسلن) ۾ خصوصي پوليو مهم هلائي ويندي. صحت کاتي موجب، پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار 853 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.










