بلوچستان جي مفادن لاءِ سڀني سياسي ڌرين کي متحد ٿيڻ گهرجي

بلوچستان جي مفادن لاءِ سڀني سياسي ڌرين کي متحد ٿيڻ گهرجي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مير عبدالرؤف مينگل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان هن وقت انتهائي نازڪ ۽ غيرمعمولي حالتن مان گذري رهيو آهي. عالمي ۽ علائقائي سياسي تبديلين، معاشي بحران، بدامني، بيروزگاري، لاقانونيت ۽ آئين ۽ قانون کان مٿانهن قدمن بلوچستان جي عوام کي سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته اهڙين نازڪ حالتن ۾ بلوچستان جي سڀني قومي، جمهوري ۽ سياسي قوتن تي اها تاريخي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ذاتي ۽ جماعتي اختلافن کان مٿانهون ٿي، وسيع تر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن، جيئن بلوچستان جي عوام جي سياسي، قومي، معاشي ۽ جمهوري حقن جو مؤثر نموني سان دفاع ڪري سگهجي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جون گرفتاريون، جبري گمشدگيون، اظهارِ راءِ تي پابنديون، سياسي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ عدالتن ذريعي سزائون ڏيڻ جو سلسلو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ۽ سياسي آوازن کي دٻائڻ جون ڪوششون بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون آهن.
مينگل چيو ته بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ بدران طاقت ۽ جبر جي پاليسي اختيار ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب احساسِ محرومي، بيچيني ۽ بي اعتمادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. حقيقي سياسي قوتن تي دٻاءُ وجهي بلوچستان جي بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ، خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سياسي تڪرار جا معاشي ۽ سياسي اثر بلوچستان تي پڻ پئجي رهيا آهن، جنهن سبب اڳ ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ عوام وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسي ويو آهي. اهڙين حالتن ۾ سڀني سياسي قوتن کي گڏيل قومي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ماضي ۾ شهيد نواب اڪبر بگٽي طرفان قومي يڪجهتي جي پليٽ فارم واري تجويز تي سنجيدگي سان عمل ڪيو وڃي ها ته شايد بلوچستان اڄ اهڙي سنگين صورتحال کي منهن نه ڏئي رهيو هجي ها.
هن چيو ته اڄ اسان جي جدوجهد صرف سياسي يا معاشي حقن تائين محدود ناهي، پر اها قومي بقا، سڃاڻپ، تاريخ، ثقافت، ساحل، وسيلن، حقِ اختيار ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي باوقار زندگي گذارڻ جي حق جي تحفظ لاءِ جدوجهد بڻجي چڪي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو