اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.اسلام آباد ۽ لاهور ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. خيبرپختونخوا جي علائقن پشاور، سوات، شانگلا ۽ بونير ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته لوئر دير ۽ ان جي آس پاس وارين علائقن ۾ پڻ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي شدت 5.3 ۽ گهرائي 174 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي ماهرن (زلزله پيما مرڪز) موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش جبل وارو علائقو هو.










