ڪراچي ۾ ٽماٽن کي پر لڳي ويا، هڪ ڪلو ٽماٽو 300 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي ۾ ٽماٽن کي پر لڳي ويا، هڪ ڪلو ٽماٽو 300 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽماٽن جي قيمت کي پر لڳي ويا آهن ۽ هڪ ڪلو ٽماٽو 300 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي نائب صدر يونس سومرو موجب، سنڌ ۾ نئين فصل جي پنيري تيار آهي، جولاءِ کان پوکائي شروع ٿيندي، مون سون جي برساتن ۾ ڏهه کان ويهه سيڪڙو ٻوٽا ضايع ٿيندا، پر اهو چانس وٺڻو پوندو آهي. ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي نائب صدر جو چوڻ هو ته چانورن جو فصل لهندو رهندو، ٽماٽن جو فصل نومبر تائين لڳندو رهندو، ٽماٽن جي پيداوار اپريل تائين رهندي آهي ۽ قيمتون مئي جون تائين مستحڪم رهنديون آهن، جولاءِ جي انهن ڏينهن ۾ کوٽ رهندي آهي، ان ڪري قيمت وڌي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ايراني ٽماٽو ايندو، سنڌ جو موسم ڪنٽرولڊ ماحول (Controlled environment) ۾ سڄو سال مارڪيٽ ريٽ تي ٽماٽو فراهم ڪري سگهي ٿو. ڪنٽرولڊ ماحول کي سيڙپڪاري گهرجي، جنهن تي ڪراچي چيمبر ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت سازگار ماحول ڏئي ته ڪراچي چيمبر انهن منصوبن تي مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿو. ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي نائب صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت سستو قرض نه ڏئي، پر ڀاڱييواري (شراڪتداري) جو نظام قائم ڪرڻ جو ماحول ڏئي، فصل جي نفعي يا نقصان کي ورهائڻ جو جديد نظام ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ۾ ئي بڻجي سگهي ٿو. خوراڪ جي کوٽ جا خدشا آهن، ۽ پيداوار وڌائڻ ئي ان جو واحد حل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو