تيل ۽ گئس جي ملندڙ رائلٽي علائقي واسين تي خرچ نه ٿي

تيل ۽ گئس جي ملندڙ رائلٽي علائقي واسين تي خرچ نه ٿي

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاهه) ڪاڇي ۾ تيل ۽ گئسي ڳوليندڙ پولش ڪمپني  مان ھر سال رائلٽي جا ڪروڙين روپيا ترقياتي ڪمن بجاءِ سياسي ڀوتارن جا کيسا گرم ڪرڻ ۾ خرچ ٿيڻ لڳا. ڪمپني مان علائقي واسين کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگهيو. پولش ڪمپني خلاف احتجاج ڪندڙ ڪاڇي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن احتجاجن  ڪمپني عملدارن کي چيڙائي وڌو جيڪي رائلٽي جا ڪروڙين رپيا  ڏيڻ بجاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي. ڪمپني جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به  پريشان آهن سخت جهولن ۽ سردين ۾ پاڻي جي تلاش ڪندي وقت گذريو وڃي. صحت جون سھولتون اڻپوريون هجڻ ڪري ڪيترائي بيمار ماڻھون شهرن ۾ علاج خاطر نيئندي دم ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. علائقي تي رائلٽي جي پيسن جي خرچن جا  ڪمپني طرفان ڪيل  ڪيئي واعدو وفا نه ڪيا ويا تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوبه سُٺو معياري تعليم ڏيڻ وارو اسڪول به نه ڏئي سگهي ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم سرڪاري اسڪول به سالن کان بند ٿي ويا جنهن جي سنڌ سرڪار ڪا به مالڪي نه ڪئي آهي. ذريعن موجب پولش ڪمپني جي ويجھو شھرن ٽنڊورحيم خان، گاجي شاھ ۽ ڇني ۾  ڪمپني جي طرفان موجوده  ڊي سي دادو جي معرفت ملندڙ ساليانو رائلٽي جي مد ۾ ڪروڙين روپين مان 100 مان 20 فيصد رقم به علائقي جي ماڻھن تي خرچ نٿي سگهي. ڪمپني ضلعي انتظاميا چونڊيل نمائندن ۽ تر جي ڀوتارن جا کيسا ته گرم ڪيا پر علائقي جي بي سهارا ماڻھن جي ڪا به مالڪي نه ڪئي ۽ نه ڪنهن بيروزگار نوجوان کي روزگار ڏئي سگهي علائقي جي  ڀلائي بھبود لاءِ ڪو وڏو منصوبو به نه ڏنو ويو جنهن سبب ڪاڇي ۾ ڪروڙين رپين جي  پروجيڪٽ واري پولش ڪمپني خلاف احتجاج ڪندڙن دانهيندي سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪمپني مان ملندڙ رائلٽي واري رقم جي جانچ ڪري علائقي جي ماڻھن کي سهولتون ڏيڻ تي خرچ ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو