ايپل عارضي طور دنيا جي پهرين نمبر ڪمپني بڻجڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل ڪافي عرصي کان سمارٽ فون تيار ڪندڙ ڪمپنين مان ٽئين نمبر تي موجود آهي پر گهٽ ۾گهٽ هڪ ڀيرو ٽي ماهي لاءِ هن سام سنگ ۽ هواوي کي شڪست ڏئي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. اسٽريٽجي ايناليٽڪس جي رپورٽ مطابق ايپل 2019 جي چوٿين ٽي ماهي فونن جي خريداري ۾ سام سنگ کي شڪست ڏني. اصل ۾ ايپل گذريل ڏينهن ۾ اعلان ڪيو هو ته 2019 جي چوٿين ٽي ماهي ۾ ان ڪمپني آمدني جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا. آڪٽومبر کان ڊسمبر 2019 دوران ايپل 70.7 ملين آءِ فون سڄي دنيا ۾ موڪليا ويا هئا جڏهن ته ان عرصي ۾ سام سنگ سمارٽ فونن جي تعداد 68.8 ملين رهي. رپورٽ مطابق ايپل 19 فيصد گلوبل سمارٽ فون مارڪيٽ شيئر سان گڏ ان ٽي ماهي ۾ سرفهرست رهي. سام سنگ ٻئي جڏهن ته هواوي 15 فيصد شيئر سان گڏ ٽئين نمبر تي رهي. هواوي 2019 ۾ دنيا جي ٻي وڏي سمارٽ فون ڪمپني ضرور بڻي پر آمريڪي پابندين جا اثر ان تي مرتب ٿي رهيا آهن جنهن ڪري هن کي اڳتي اچڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.  2019 جي 9 مهينن دوران هواوي جي فون خريد ڪرڻ جي شرح ۾ اضافو نظر آيو پر چوٿين ٽي ماهي ۾ ان جو فيصد گهٽ رهيو. 2019 ۾ مجموعي طور سمارٽ فون جي خريداري ۾ معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اها 2018 جي مقابلي ۾ 2.2 فيصد رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو