ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار قيامت تائين ياد رکيو ويندو

ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار قيامت تائين ياد رکيو ويندو

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ايران جنگ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو قيامت تائين ياد رکيو ويندو. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته يومِ عاشور هڪ اهڙي موقعي تي آيو آهي جڏهن خطي ۾ هڪ جنگ ڇڙيل هئي، ايرانين سنتِ حسين ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي.دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان ان جنگ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو به قيامت تائين ياد ڪيو ويندو، پاڪستان صلح ڪرائي ۽ ساري امت جي سامهون سرخرو ٿيو.خواجه آصف چيو ته لبناني ماڻهو اسرائيل جي ظلم ۽ ستم کان نجات پائيندا ۽ دعا آهي ته جتي جتي مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، الله کين آزادي نصيب فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو