ڪورونا وائرس؛ فوت ٿيندڙن جو تعداد 259 ٿي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙن جو تعداد 259 ٿي ويو آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق ڪورونا وائرس ۾ وڌيڪ 49 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ فوت ٿيندڙن جو مجموعي تعداد 259 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته وائرس سان هن مهل تائين 11 هزار 791 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اقوام متحده جي صحت بابت اداري ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جنيوا ۾ ٿيل اجلاس ۾ جائزو وٺڻ بعد دنيا ۾ تيزي سان هن وائرس جي ڦهلجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ان لاءِ هنگامي بنياد تي اپاءَ وٺڻا پوندا. ڊبليو ايڇ او، جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڌانوم گيبريسس نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته جيتري تيزي سان هي وائرس ڦهليو آهي اڳ ۾ ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو. ياد رهي ته هي وائرس دنيا جي 20 ملڪن تائين ڦهلجي چڪو آهي ۽ 8 هزار کان مٿي ماڻهو ان جو شڪار ٿي چڪا آهن. هن وقت تائين چين ۾ وائرس سبب مرندڙن جو انگ 259 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي چيني سائنسدانن وائرس جي شڪار 9 مريضن کان ورتل سيمپلز جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد چيو آهي ته حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته 10 جينوم سيڪوئنسز ۾ 99.98 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته هي ڪنهن هڪ ئي جانور مان ڦهليو آهي ۽ ممڪنه طور اهو چمڙو ٿي سگهي ٿو. چين جي طبي جرنل لانسيٽ ۾ شانگ ڊونگ فرسٽ ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماهرن جي تحقيقاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وائرس جو ذريعو هڪ ئي آهي، جيترو تيزي سان هي ڦهليو اوترو ئي تيزي سان ان بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن جانورن جي مارڪيٽ مان هي وائرس ڦهليو آهي ان ۾ چمڙا  وڪرو ناهن ٿيندا جنهن سبب لڳي ٿو ته چمڙي مان ڪنهن ٻئي جانور هن وائرس جي ميزباني ڪئي آهي جنهن جو اڃا پتو ناهي پئجي سگهيو. اڃا اهو به ڏسڻو آهي ته هن وائرس نانگن کي متاثر ڪيو آهي يا نه. ڇو ته نانگ ان مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندا آهن. .

پهنجو تبصرو موڪليو