جيڪو ڪم وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪيو اهو نوبل پرائز کان مٿانهون آهي

جيڪو ڪم وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪيو اهو نوبل پرائز کان مٿانهون آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن دنيا کي ٽين عالمي جنگ کان بچائي ورتو، جيڪو ڪم وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪيو آهي اهو نوبل پيس پرائز (امن انعام) کان مٿانهين ڳالهه آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان ايران آمريڪا معاهدي ذريعي خطي ۾ امن جي قيام جي اميد آهي. ممڪنه ٽين عالمي جنگ جي تباهي کان دنيا کي بچائڻ لاءِ امن جون ڪوششون اهم آهن، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن سان امن جو رستو هموار ٿيو.رانا ثناءُ الله کان صحافي سوال ڪيو ته ثالثي کانپوءِ ڇا نوبل پيس پرائز پاڪستان کي ملڻ گهرجي؟ان تي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته نوبل پيس پرائز ڪميٽي ئي طئي ڪندي ته اهو ڪنهن کي ملڻ گهرجي، پر جيڪو ڪم وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪيو آهي اهو نوبل پيس پرائز کان مٿانهين ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته جنگي صورتحال جي خاتمي سان خطي ۾ استحڪام ايندو، عالمي معيشت کي فائدو ٿيندو. ايران تان پابنديون ختم ٿيڻ سان خطي ۾ توانائي جا منصوبا اڳتي وڌي سگهن ٿا. ايران پاڪستان گيس پائپ لائن منصوبو بحال ٿيڻ سان توانائي جي بحران ۾ ڪمي جي اميد آهي، توانائي جي فراهمي بهتر ٿيڻ سان گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان آهي. رانا ثناءُ الله چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير اليڪشن لاءِ ڀرپور طريقي سان مدد ڪندي، آزاد ڪشمير ۾ فري اينڊ فيئر (شفاف) اليڪشن ٿيندي. آزاد ڪشمير جا جيڪي به مسئلا آهن اهي چونڊيل قيادت ئي حل ڪندي. اليڪشن لاءِ جيڪي ماڻهو رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن کانپوءِ آزاد ڪشمير جي چونڊيل قيادت جيڪو فيصلو ڪندي پاڪستان ان سان گڏ هلندو. جيڪي به مسئلا هجن انهن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪرندو آهي، جڏهن سياستدان ٽيبل تي ويهندا آهن ته وڏي کان وڏي مسئلي جو حل نڪري ايندو آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چوٿين ڀيرو سڌي سنئون اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، اپوزيشن سان ڪلهه منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هنن چيو آهي ته هو ان تي مثبت جواب ڏيندا. وفاقي ڪابينا ۾ تبديلين بابت ڳالهيون صرف اڪيليون اڳڪٿيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۾ تبديلين بابت اڃا تائين ڪجهه ناهي چيو. ڪابينا ۾ نه واڌ جي ڳالهه ٿي آهي، نه تبديلي جي ۽ نه ئي ڪمي جي، اهو وزيراعظم جو اختيار آهي ته هو جڏهن چاهي تبديلي ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو