ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن ترميمي بل تي نظرثاني لاءِ ڪميٽي قائم

ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن ترميمي بل تي نظرثاني لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن ترميمي بل تي نظرثاني لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي سربراهي وفاقي قانون ۽ انصاف وارو وزير اعظم نذير تارڙ ڪندو، جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان، وفاقي آءِ ٽي وزير شزا فاطمه، ۽ احد خان چيما کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ۾ اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ قانون توڙي آءِ ٽي شعبي جا ماهر پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڪميٽي سيڪشن 2 ۾ رائٽ آف وي (Right of Way) فريم ورڪ تي نظرثاني ڪندي، ڪميٽي ٽيلي ڪميونيڪيشن تنصيبات، ۽ نجي زمين سان لاڳاپيل رائٽ آف وي تي تجويزون پيش ڪندي. وزيراعظم ڪميٽي کي بل تي جلد نظرثاني ڪري تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته قومي اسيمبلي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن تنظيمِ نو ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ هي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ترميمي بل موجب، نجي ملڪيتن جا مالڪ ۽ سرڪاري ادارا ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچي) لاءِ جڳهه ڏيڻ جا پابند هوندا. موبائل فون يا ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني کي آپٽيڪل فائبر وڇائڻ يا ٽاور لڳائڻ لاءِ جڳهه نه ڏيندڙ نجي گهر جي مالڪ، ڪرائي دار يا عوامي توڙي نجي اداري تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ (جرمانو) هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو