لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام کي مهانگائي کان رليف ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ بيروزگار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته عام ماڻهو وڌيڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي. هن سوال اٿاريو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ عملي طور تي ڇا ڪري رهي آهي.جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت فوري طور تي 225 روپيه في ليٽر مقرر ڪئي وڃي ۽ پيٽروليم ليوي مڪمل طور تي ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن مهانگائي جي بار هيٺيان دٻيل شهرين ۽ ڪاروباري طبقي کي رليف ملي سگهي.وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جي تقريب سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، انهي عمل ۾ پاڪستان ۽ قطر مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو ته اسرائيل مسلسل جنگبندي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. اسرائيل تازو لبنان تي حملا ڪري هزارين بي گناهه ماڻهن کي نشانو بنايو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي هوا ڏني.جماعت اسلامي جي امير چيو ته جيستائين اسرائيل جي جارحانه پاليسين ۽ مبينه دهشتگردي کي نٿو روڪيو وڃي، خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن موقف اختيار ڪيو ته جن علائقن تي اسرائيل قبضو ڪيو آهي اهي فلسطينين جي سرزمين آهن ۽ فلسطيني عوام جي حقن جو تحفظ ضروري آهي. حافظ نعيم الرحمان پاڪستان جي حڪومت ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي فلسطيني عوام جي حقن جي تحفظ ۽ خطي ۾ دير تائين امن جي قيام لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن.










