اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي اليڪٽرانڪ صحيحون ٿي ويون آهن.هڪ بيان ۾ هن چيو ته معاهدي تي آمريڪا ۽ ايران جي صدرن صحيحون ڪيون. آمريڪا ايران معاهدو فوري طور تي نافذ العمل ٿيندو.شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايران هرمز جي پيچري (آبنائي هرمز) کي ٻيهر کوليندو ۽ آمريڪا بحري ناڪابندي ختم ڪندو. هن چيو ته بطور ثالث (ميانجيڪار) مان آمريڪا ايران مفاهمتي يادداشت جي توثيق ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جي ڳالهين جو آغاز ٿيندو.










